بوعلي قلندر شيخ

بوعلي قلندر شيخ: بوعلي قلندر رحه جي ولادت 602هه/ 1205ع ۾ ٿي سندس جنم پاڻيپٽ ۾ ٿيو ۽ اتي ئي تعليم حاصل ڪيائين ۽ وري اتي ئي درس ڏيندو رهيو. سندس والد عراق مان 1203ع ۾ هندستان لڏي آيو هو. بوعلي قلندر امام ابوحنيفه رضي الله عنه جي اولاد مان هو. ننڍپڻ ۾ ئي ظاهري علم حاصل ڪيائين. ڪجهه وقت لاءِ قطب مينار دهليءَ جي ويجهو پڙهائڻ جو ڪم به ڪيائين، پر تصوف کيس ظاهري ڳالهين کان پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. بوعلي قلندر، خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪي رحه جو خليفو به ٿيو. ان کان پوءِ هڪدم هر شيءِ کان دل بيزار ٿي ويس ۽ سمورا ڪتاب درياءُ ۾ اڇلي، هڪدم ذڪر فڪر ۾ مصروف ٿي ويو. ”تاريخ فيروزشاهيءَ“ ۾ شيخ بوعلي قلندر رحه سان سلطان غياث الدين تغلق جي ملاقات جو ذڪر آيل آهي. هن بزرگ 9 رمضان 724هه/ 1323 ۾ وفات ڪئي. سندس مزار پاڻيپٽ پنجاب ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0602.00.00  هجري

بوعلي قلندر شيخ: بوعلي قلندر رحه جي ولادت 602هه/ 1205ع ۾ ٿي سندس جنم پاڻيپٽ ۾ ٿيو ۽ اتي ئي تعليم حاصل ڪيائين ۽ وري اتي ئي درس ڏيندو رهيو .


1205.00.00  عيسوي

بوعلي قلندر شيخ: بوعلي قلندر رحه جي ولادت 602هه/ 1205ع ۾ ٿي سندس جنم پاڻيپٽ ۾ ٿيو ۽ اتي ئي تعليم حاصل ڪيائين ۽ وري اتي ئي درس ڏيندو رهيو .


0724.09.09  هجري

بو علي قلندر شيخ: هن بزرگ 9 رمضان 724هه/ 1323 ۾ وفات ڪئي . سندس مزار پاڻيپٽ پنجاب ۾ آهي .


1323.00.00  عيسوي

هن بزرگ 9 رمضان 724هه/ 1323 ۾ وفات ڪئي . سندس مزار پاڻيپٽ پنجاب ۾ آهي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير عبدالرحمان
پوپ بينيڊيڪٽ 16هون پوپ
ترخان مرزا غازي بيگ
ريکا
فولاد فقير شر
ڄام بايزيد سمو
جنجهي مينهين ٻائي
سرهيو خدا داد
محمد رفيق بلوچ
ترخان مرزا جاني بيگ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون